KTN News
          ڏيهي خبرون   *  لنڊن: طالبان سان ڳالهين لاءِ پاڪستان افغانستان جي مدد ڪندو پر پاڪستان ان جي اڳواڻي نه ڪندو: حنار رباني کر جو عالمي لاڳاپن بابت ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب  *  پنهنجي مستقبل جو فيصلو افغانستان جي عوام کي ڪرڻو آهي: حنا رباني کر   * پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به ملڪ طرفان جنگ جو خاتمو آڻي سياسي ماحول ٺاهڻ واري  قدم ۾ رڪاوٽ نه بڻبو: حنا رباني کر   *  اسلام آباد: منصور اعجاز جو ميمو معاملي ۾ وڊيو بيان رڪارڊ، حسين حقاني جي وڪيل زاهد بخاري ۽ اٽارني جنرل جا اعتراض  *  اسلام آباد: وزيراعظم خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي، وزيراعظم جي وڪيل اعتزاز احسن کي 27 فيبروري تائين شاهديون جمع ڪرائڻ جو حڪم  *  اٽارني جنرل دستاويزي شاهديون سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيون، عدالت ثبوت قبول ڪري ورتا  *  اسلام آباد: لوڪ سڀا جي اسپيڪر ميرا ڪمار جي اڳواڻي ۾ ڀارتي پارلياماني وفد جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون  *  پاڪستان جي ڏنل محبت کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي: ميرا ڪمار  *   ڀارت سان پائيدار ۽ ٺوس بنيادن تي ڳالهيون تمام ضروري آهن، اميد آهي ته ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي: وزيراعظم  *  لنڊن: آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير شيري رحمان جي پرڏيهي وزير حنا رباني کر ۽ برطانيه ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن سان ملاقات  * لاهور: نواز ليگ بلوچستان بابت آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ شرط رکي ڇڏيا  * اڪبر بگٽي جا قاتل گرفتار ڪري گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي، پوءِ اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين: نواز شريف  *  پشاور: بلوچستان بابت آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ خلاف خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءَ منظور  *  اسلام آباد: نيب سياستدانن تي داخل ڪيسن جو جائزو وٺڻ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي  *  ڪراچي: ايم ڪيو ايم سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو  *  جنرل سيٽ لاءِ مصطفيٰ ڪمال، طاهر مشهدي، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ بئريسٽر فروغ نسيم ۽ عورتن جي سيٽ لاءِ نسرين جليل جي نالي جو اعلان  *   سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ مڪاني ادارن جي کاتي پاران 16 ۽ 17 گريڊ جي پوسٽن لاءِ ورتل انٽرويوز کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو  *  انٽرويوز ٻيهر قائدن موجب ڪرايا وڃن: هاءِ ڪورٽ  *  حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي انتظاميا امر سنڌو، پروفيسر بدر سومرو، ڊاڪٽر اياز ڪيريو، اسحاق سميجو، اصغر برفت ۽ ڊاڪٽر رابعه ميمڻ کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري * سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر نذير مغل موڪل تي روانو، پروين شاهه چارج سنڀالي ورتي  *                       (حادثا/واقعا) *  پشاور: مٿراس ۾ پوليس وين تي هٿياربندن جي فائرنگ، جوابي ڪارروائي ۾ 2 هٿياربند مارجي ويا  *  ڪراچي: روحاني بزرگ پير سيد محمد عاشق علي شاهه جيلاني دل جو دورو پوڻ سبب مدينه منوره ۾ لاڏاڻو ڪري ويو  *  ڏهرڪي: ڳوٺ محمد حسن لغاري ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان جون 2 ڀينرون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو انڪشاف  *  وڏيري محمود لغاري نوجوان غلام مجتبيٰ کي بيواهه ناري ثمينه سان ڪارو قرار ڏئي مٿس 1 لک رپيا ڏنڊ ۽ سندس 2 ڀينرون 9 ورهين جي ثمينا ۽ 12 ورهين جي ساره کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتويٰ ڏني: وارثن جو الزام *  ڪراچي: ڪورنگي جي صنعتي علائقي مان ٽارگيٽ ڪلر اسلم دنبا گرفتار  * ڪوٽڙي: سائيٽ واري علائقي مان رينجرز پاران 5 هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ                      (احتجاج)   *  ڪراچي: نادرا جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ گلشن حديد، سيوهڻ، مورو، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال، مظاهرا   *  ڪراچي: نادرا ضابطن جي ڀڃڪڙي جي الزامن هيٺ 60 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو، برطرف ٿيلن ۾ سنڌ جا 7 ملازم به شامل  *  اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پاران نادرا جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو اعلان   *   حيدرآباد: سوٽا ۽ فاپواسا اڳواڻن جي گڏجاڻي، اعتزاز کان سمورين يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل شروع ڪرڻ جو اعلان  *  سنڌ يونيورسٽي جي استادن جي برطرفي خلاف روزانو 12 وڳي کانپوءِ ٽوڪن هڙتال ڪئي ويندي: گڏجاڻي ۾ فيصلو  *  حيدرآباد: نيشنل پروگرام فار امپرومينٽ فار واٽر ڪورس ايسوسيئيشن پاران ملازمن جي ڇانٽين ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف اڄ کان احتجاج شروع ڪرڻ جو فيصلو  * ڪراچي: گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي اعلان باوجود اسپتال انتظاميه گهوٽڪي واسڻ حليمان ڀٽو جي ڄنگهه جو علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو  *  اسپتال مان علاج کان جواب کانپوءِ حليمان ڀٽو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مسيحا جي انتظار ۾ ويٺل   *  حيدرآباد: ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ مان ٽول پلازه ويجهو هٿياربندن جي ڦر، مسافرن جو احتجاج، پوليس طلب   *                       
 

LIVE

 
 
 
  •  

    ON AIR NOW

    HEADLINES 00:00 pk

     
     

    VIDEO

     

    AUDIO

     
  •  

    COMING UP NEXT

    HEADLINES

     
     

    01:00pk

     
     
 
 
 
   

NEWS HEADLINES

 
 

This text will be replaced
 
     
   
     
   
     
   
     
   
     
   
     
   
   

KTN NEWS ON FACEBOOK

 
 
 
   

منصور اعجاز کي اڄ سمورا ثبوت پيش ڪرڻ جي هدايت، حقانيءَ چيو ته ڪيانيءَ کي هٽائڻ ۾ سهڪار ڪيو ته نئون آرمي چيف آمريڪي سفارش سان ايندو: منصور اعجاز.

ميمو ڪميشن، منصور اعجاز کي اڄ سمورن ثبوتن سميت بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، منصور اعجاز بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته فون تي رابطي دوران حسين حقاني کيس چيو ته فوج حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿي، جنرل ڪياني کي هٽائڻ ۾ سهڪار ڪيو وڃي ته نئون آرمي چيف به آمريڪا جي سفارش سان مقرر ڪيو ويندو.

 
 

صدر زرداري ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه جو چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق، بلوچستان معاملي تي اي پي سي جو وقت گذري ويو:الطاف حسين.

صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ملڪ کي پيش ايندڙ سمورن چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. الطاف حسين جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي معاملي تي اي پي سي گهرائڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي دل تي پٿر رکي بلوچستان بابت اهم فيصلا ڪرڻ گهرجن.

وفاقي سرڪار تيل اڃا مهانگو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، عالمي منڊيءَ کي سامهون رکندي تيل اگهن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي:حفيظ شيخ.

وفاقي سرڪار ايندڙ مهيني پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ کي نظر ۾ رکي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.

 
 
 
 
 
 
 
 

وڌيڪ خبرون

 

افغان سرڪار کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ امريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي حمايت نه ڪئي ويندي: حنا رباني کر.  ... تفصيل

 

پنجاب جي گورنر لطيف کوسا چيو آهي ته عدليه سميت ڪو به ادارو جمهوريت کي غير مستحڪم ڪرڻ نه ٿو چاهي ۽ وزيراعظم ڪڏهن به عدليه خلاف ناهي ڳالهايو.. ... تفصيل

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ناظمي دور ختم ٿيڻ بعد هٽايل 564 ميونسپل ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.. ... تفصيل

 

سنڌ هاءِ ڪورٽ بدين جي پي ايس 57 تي ننڍي چونڊ روڪڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ... تفصيل

 

ملڪ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نادرا جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.. ... تفصيل

 
 

 

سنڌ جون خبرون

 
 

حيدرآباد: ناجائز اڏاوتون هٽائڻ دوران پوليس ۽ علائقي واسين ۾ چڪريون، لٺبازي ۽ شيلنگ، 10 ڄڻا گرفتار.

 

بين الاقوامي

 
 

افغانستان ۾ آمريڪي فوجُن پاران قرآن پاڪَ جي بي حرمتيءَ خلاف ٻئي ڏينهن به سخت احتجاج جو سلسلو جاري رهيو.

 

شوبز

 
 

واپاريءَ جو نڪ ڀڃڻ جي الزام هيٺ سيف علي خان گرفتار، ضمانت تي آزاد.

 
 

اسپورٽس

 
 

بنگلاديشي ٽيم جي سيڪيورٽي بابت سمورن ادارن کان تفصيل طلب ڪيا آهن: پي سي بي چيئرمين

Video Program
 
 

Follow us

 

 

© 2011 All Rights Reserved