|
سنڌ سرڪار، ڪراچيءَ ۾ شهري حڪومت جي سائين بورڊن تي تڪراري نقشا لڳائڻ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
وڏي وزير قائم علي شاهه جي هدايت تي صوبائي وزير سسئي پليجو ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري سٽي گورنمينٽ جي سائن بورڊن تي تڪراري نقشا لڳل هئڻ جي نشاندهي ڪئي.
سسئي پليجو جي نشاندهي ڪرڻ کانپوءِ وڏي وزير قائم علي شاهه معاملي جي جاچ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪئي.
|