KTN News
                         ڏيهي خبرون  لاهورل پنجاب جي احمد پور شرقيه، راجنپور ۽ رحيم يار خان جون سوين وسنديون ٻوڙي ٻوڏ جا وڏا وهڪرا سنڌ ۾ داخل ٿي ويا  هيڊ پنجند وٽ پاڻي ۾ لاڳاتار اضافو، وهڪرا  4 لک 30 هزار ڪيوسڪ کان وڌي ويا  سکر: گڊو بئراج وٽ چاڙهه، مٿانهون وهڪرو 2لک 70هزار 929 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 46 هزار 77 ڪيوسڪ رڪارڊ  سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو  هڪ لک 63 هزار 5 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو  هڪ لک 9 هزار 595 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو  ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 26 هزار 75 ڪيوسڪ رڪارڊ  پنجند وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ، مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 30 هزار 494 ڪيوسڪ رڪارڊ  چاچڻا جي گيج  9 پوائنٽ 8 رڪارڊ ڪئي وئي    سنڌ ۾ انتهائي وڏي ٻوڏ جو ڪوبه امڪان ناهي، گڊو ۽ سکر وٽ 4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچندو: فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن کانپوءِ  موسميات کاتي پاران به تصديق   لاهور: پنجاب تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ سرندي وارا پاڪستاني مدد ڪن: پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف   اسلام آباد: پاڪستان عوامي تحريڪ  ۽ تحريڪ انصاف جا 32 هين ڏينهن به ڌرڻا جاري   لاهور: آءِ جي پنجاب مشتاق خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي، توهين عدالت جو نوٽيس جاري، 22 سيپٽمبر تي جواب طلب  پشاور: مردان ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن واري  پوليو مهم شروع، موٽر سائيڪل هلائڻ ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو  ٺٽو: امريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ ۽  شرميلا فاروقي پاران تاريخي ماڳ مڪلي جو دورو، مرمتي ڪم جو جائزو       (واقعا ۽ حادثا )  پشاور: خيبر ايجنسي جي تيراه ماٿري ۾ جيٽ جهازن جي بمباري،10 دهشتگرد مارجي ويا، 5 ٿاڪ تباهه  ڪراچي: اورنگي ٽائون جي سيڪٽر 11 ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، سياسي جماعت سان تعلق رکندڙ اڳوڻو ڪائونسلر رشيد پٽ عادل سميت مارجي ويو  ڪوئيٽا: بينظير پل وٽ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو       نوابشاهه: ڇٽا اسٽاپ وٽ حيدرآبادکان دوڙ ويندڙ مسافر وين وڻ سان ٽڪرائجي وئي، ڊرائيور محمد عتيق آرائين ۽ مسمات مسرت خانزادو سميت 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي  حادثي واري هنڌ جي ڪجهه فاصلي تي هڪ ڦورو جو  لاش هٿ  ڦورو  وين  جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو آهي: پوليس    وين هٿياربندن پاران رڪاوٽون وجهڻ سبب وڻ سان ٽڪرائجي وئي، روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورن هٿيار سڌا ڪيا ته وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي: زخمي مسافر شاهد خانزادو  پير جو ڳوٺ: ڳوٺ هليا ڀٽي ۾ 5 ورهين جو ٻارڙو ضامن ڀٽي ابل واهه ۾ ٻڏي فوت  پيرجو ڳوٺ: اوڍا، الرا ۽ انصاري تڪرار تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري، پوليس جو ڳوٺن کي ڪڙو    تڪراري ڌرين جي ڪيترن ئي ماڻهن  گرفتاري پيش ڪري ڇڏي       ( احتجاج   )  ڏوڪري: ٽي ايم اي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج، شهر بند    
 
 
 
  Sindh Assembly
 

 

This text will be replaced
 

 
 
 

Follow us

 

2011 All Rights Reserved