KTN News
          ڏيهي خبرون     اسلام آباد: پوليس پاران شريف ڀائرن خلاف سپريم ڪورٽ تي حملي جو ڪيس کولڻ جو فيصلو، کين ايس ايس پي آفيس پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري: ذريعا       سپريم ڪورٽ تي حملي واري ڪيس جي جاچ 23 فيبروري 2001 ۾ ايس ايس پي تيمور خان ڪئي، پر شريف ڀائر پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري ڪيس هلي نه سگهيو: پوليس       ايس ايس پي اسلام آباد ملڪ يوسف جاچ آفيسر مقرر: ذريعا        لاهور: جمهوري انداز ۾ ڪو به هٽائي نه ٿو سگهي، مون کي غير جمهوري انداز ۾ هٽايو ويو ته ملڪ اهڙي عمل جي سٽ نه سهي سگهندو: وزيراعظم     ڪنهن ۾ جرئت آهي ته عدم اعتماد جي رٿ آڻي، باقي سازش ملڪ کي نقصان پهچائي سگهي ٿي: وزيراعظم     نوازليگ نه مارچ ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي وري ڪندي، هن وقت سڀ حڪومت ۾ آهن ته لانگ مارچ ڪير ڪندو: وزيراعظم      قصور: حڪومت کي پنهنجي نااهلي قبول ڪرڻي پوندي، نيٽو سپلاءِ کولڻ سان سڀني کي ڦڪائي جو منهن ڏسڻو پوندو: نواز شريف      سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏنو ويندو، سڀ کان پهرين مون بهاولپور صوبو بحال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ڏکڻ پنجاب صوبو به ٺهڻ گهرجي: نواز شريف      اسلام آباد: جڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عظمت سعيد کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي     جسٽس عمر عطا بنديال کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش       اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ وارو معاملو ايندڙ اجلاس 2 جون تائين ملتوي      ڪراچي:  سٽي گورنيمنٽ جي بورڊن تي تڪراري نقشا ڪنهن جي اجازت سان لڳا ۽ نقشا لڳائڻ ۾ ڪير ڪير ملوث آهي، سنڌ سرڪار پاران ڪمشنر ڪراچي کي جاچ جو حڪم     اسلام آباد: 21 مئي تي ٿيندڙ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بابت سڪيورٽي پلان منظور، ترڪ وزيراعظم طيب اردگان اجلاس کي خطاب ڪندو     اسلام آباد: عدالتي ڪميشن ميمو اسڪينڊل جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، رپورٽ جلد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي     اسلام آباد: مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم تحت 85 هزار درخواستون منظوري ڪري ورتيون     ڪراچي: سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پهرين جولاءِ کان 31 آگسٽ تائين گرمين جون موڪلون هونديون، نوٽيفڪيشن جاري     ڪراچي: سنڌ حڪومت مٺن پاڻين ۾ پهرين کان 30 جون تائين مڇي مارڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري     ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي اڳوڻي ضلعي ناظم ناصر حسين شاهه جي درخواست تي 90 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو     ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسيپڪر عطا محمد مري جي پٽ اڪبر مريءَ جي پير پاڳاري سان ملاقات، پ پ ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان        ڪراچي: نواز شريف کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي، نوازليگ پنجاب جي عوام سان به دوکو ڪيو آهي: صوبائي وزير شازيه مري      سنڌ حڪومت پاران مڪاني چونڊن بابت ڏنل مدي اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ اتحادين سان صلاح مشورا جاري آهن: شازيه مري     ڪراچي: عالمي ماحولياتي تبديلين سبب هن سال برساتن ۽ ٻوڏ ۾ رڪارڊ واڌ ٿيندي: صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ      روهڙي ڪئنال کي لڳل گهاري سبب 11 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي رليف لاءِ ضلعي انتظاميا کي 50 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن: حليم عادل شيخ                                 (حادثا/واقعا)     ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ اڄوڪي ڏينهن دوران هڪ نينگري سميت 8 ڄڻا مارجي ويا     ڪراچي: شهر ۾ امن  جي بحالي لاءِ سياسي ڌريون گڏ ويهي مسئلن جو حل ڪڍين ته بهتر ٿيندو: آءِ جي سنڌ مشتاق شاهه     ڪراچي: ڪراچي ۾ شهرين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان جا ڪارڪن مارجي رهيا آهن پر صبر کان ڪم وٺي رهيا آهيون: ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي      ميرپورماٿيلو: پنجاب جي احمد پور شرڪيها جا ٽي رهواسي محمد سليم، خادم گهلو ۽ سندن ڊرائيور ڏهرڪي مان اغوا      اوٻاوڙو: ڏهرڪي مان ٽن ڄڻن جي اغوا جا اطلاع ڪوڙا آهن: ايس ايس پي مظهر نواز شيخ      نوابشاهه: ڳوٺ فقير جي کوهي ڀرسان روڊ تي لڙڪيل بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب رڪشا ڊرائيور فدا حسين جٽ فوت     ٺري ميرواهه: ڳوٺ در محمد ٽالپر ۾ جوابدارن پاران مبينا ڪتي جي بڇ ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي شازيه ٽالپر زخمي، وارثن جي اين سي تي هڪ جوابدار گرفتار      نوابشاهه: ڊسٽرڪٽ جيل جي بيرڪ نمبر 10 ۾ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب قيدي علي مردان، نياز ۽ بشير احمد زخمي، اسپتال داخل     شڪارپور: گذريل ڏينهن سلطان ڪوٽ ويجهو پراسرار طور گم ٿيل ٽن جيڪب آباد واسين علي بحر، علي نواز ۽ سندن ڊرائيور جي اغوا جي تصديق، 24 ڪلاڪن دوران ضلعي مان اغوا ڪيل ماڻهن جو انگ 8 ٿي ويو     شڪارپور: ضلعي ۾ هن وقت رڳو 4 ماڻهو اغوا ٿيل آهن، ضلعي ۾ ڪو به نو گو ايريا ناهي: ايس ايس پي فيض الله ڪوريجو     شڪارپور: گذريل ڏينهن اغوا ڪيل جي يو آءِ جيڪب آباد ضلعي جي امير جي پٽ سميت 5 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد     ڪوٽڏيجي: اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ناري ثمينه سولنگي جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ لڄالٽ جي تصديق      جيڪب آباد: ڳڙهي خيرو ڀرسان دودا پور ٽيڪسي اسٽينڊ کان ميران پور ٻرڙو ڏانهن ويندڙ ٽيڪسي ڊرائيور معشوق ڀيو منجهند کان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ      حيدرآباد: راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ انبڙيون کڻي ويندڙ مزدا ڊرائيور کي هٿياربندن تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو      حيدرآباد: قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، رهواسين جو واڌو واهه روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ جام                       (دبئي شو)         ڪراچي: ڪي ٽي اين ۽ ڪومل انٽر پرائيزز طرفان ثقافت کاتي ۽ اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ جي سهڪار سان ڪي ٽي اين ڪومل لائيو سنڌي سنگيت شو دبئي ۾ 31 مئي تي ٿي رهيو آهي       شو ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار صنم ماروي، شمن علي ميرالي، صادق فقير، دلشير تيوڻو، ماروي سنڌو، طفيل سنجراڻي، وحيد هڪڙو، ماسٽر فتح ، نغمه ناز ۽ ٻيا فنڪار سرن جي ورکا ڪندا       پروگرام جو هوسٽ سڪندر بلوچ ۽ ڊائريڪٽر تنوير شيخ هوندو          
 
 
Kirdar Rasool Bux Palijo
 

 

 
 

Kirdar Rasool Bux Palijo Ep # 01

 
 

Kirdar Rasool Bux Palijo Ep # 02

 
 

 

 

Follow us

 

© 2011 All Rights Reserved