Home
FPC
KAWISH
KASHISH
KTN
TARIFF
FORUM
FEEDBACK
ARCHIVE
CONTACT US
KTN News
ڏيهي خبرون
اسلام آباد: پوليس پاران شريف ڀائرن خلاف سپريم ڪورٽ تي حملي جو ڪيس کولڻ جو فيصلو، کين ايس ايس پي آفيس پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري: ذريعا
سپريم ڪورٽ تي حملي واري ڪيس جي جاچ 23 فيبروري 2001 ۾ ايس ايس پي تيمور خان ڪئي، پر شريف ڀائر پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري ڪيس هلي نه سگهيو: پوليس
ايس ايس پي اسلام آباد ملڪ يوسف جاچ آفيسر مقرر: ذريعا
لاهور: جمهوري انداز ۾ ڪو به هٽائي نه ٿو سگهي، مون کي غير جمهوري انداز ۾ هٽايو ويو ته ملڪ اهڙي عمل جي سٽ نه سهي سگهندو: وزيراعظم
ڪنهن ۾ جرئت آهي ته عدم اعتماد جي رٿ آڻي، باقي سازش ملڪ کي نقصان پهچائي سگهي ٿي: وزيراعظم
نوازليگ نه مارچ ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي وري ڪندي، هن وقت سڀ حڪومت ۾ آهن ته لانگ مارچ ڪير ڪندو: وزيراعظم
قصور: حڪومت کي پنهنجي نااهلي قبول ڪرڻي پوندي، نيٽو سپلاءِ کولڻ سان سڀني کي ڦڪائي جو منهن ڏسڻو پوندو: نواز شريف
سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏنو ويندو، سڀ کان پهرين مون بهاولپور صوبو بحال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ڏکڻ پنجاب صوبو به ٺهڻ گهرجي: نواز شريف
اسلام آباد: جڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عظمت سعيد کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي
جسٽس عمر عطا بنديال کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش
اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ وارو معاملو ايندڙ اجلاس 2 جون تائين ملتوي
ڪراچي: سٽي گورنيمنٽ جي بورڊن تي تڪراري نقشا ڪنهن جي اجازت سان لڳا ۽ نقشا لڳائڻ ۾ ڪير ڪير ملوث آهي، سنڌ سرڪار پاران ڪمشنر ڪراچي کي جاچ جو حڪم
اسلام آباد: 21 مئي تي ٿيندڙ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بابت سڪيورٽي پلان منظور، ترڪ وزيراعظم طيب اردگان اجلاس کي خطاب ڪندو
اسلام آباد: عدالتي ڪميشن ميمو اسڪينڊل جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، رپورٽ جلد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي
اسلام آباد: مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري حج اسڪيم تحت 85 هزار درخواستون منظوري ڪري ورتيون
ڪراچي: سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پهرين جولاءِ کان 31 آگسٽ تائين گرمين جون موڪلون هونديون، نوٽيفڪيشن جاري
ڪراچي: سنڌ حڪومت مٺن پاڻين ۾ پهرين کان 30 جون تائين مڇي مارڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي اڳوڻي ضلعي ناظم ناصر حسين شاهه جي درخواست تي 90 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسيپڪر عطا محمد مري جي پٽ اڪبر مريءَ جي پير پاڳاري سان ملاقات، پ پ ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان
ڪراچي: نواز شريف کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي، نوازليگ پنجاب جي عوام سان به دوکو ڪيو آهي: صوبائي وزير شازيه مري
سنڌ حڪومت پاران مڪاني چونڊن بابت ڏنل مدي اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ اتحادين سان صلاح مشورا جاري آهن: شازيه مري
ڪراچي: عالمي ماحولياتي تبديلين سبب هن سال برساتن ۽ ٻوڏ ۾ رڪارڊ واڌ ٿيندي: صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ
روهڙي ڪئنال کي لڳل گهاري سبب 11 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي رليف لاءِ ضلعي انتظاميا کي 50 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن: حليم عادل شيخ
(حادثا/واقعا)
ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ اڄوڪي ڏينهن دوران هڪ نينگري سميت 8 ڄڻا مارجي ويا
ڪراچي: شهر ۾ امن جي بحالي لاءِ سياسي ڌريون گڏ ويهي مسئلن جو حل ڪڍين ته بهتر ٿيندو: آءِ جي سنڌ مشتاق شاهه
ڪراچي: ڪراچي ۾ شهرين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان جا ڪارڪن مارجي رهيا آهن پر صبر کان ڪم وٺي رهيا آهيون: ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ميرپورماٿيلو: پنجاب جي احمد پور شرڪيها جا ٽي رهواسي محمد سليم، خادم گهلو ۽ سندن ڊرائيور ڏهرڪي مان اغوا
اوٻاوڙو: ڏهرڪي مان ٽن ڄڻن جي اغوا جا اطلاع ڪوڙا آهن: ايس ايس پي مظهر نواز شيخ
نوابشاهه: ڳوٺ فقير جي کوهي ڀرسان روڊ تي لڙڪيل بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب رڪشا ڊرائيور فدا حسين جٽ فوت
ٺري ميرواهه: ڳوٺ در محمد ٽالپر ۾ جوابدارن پاران مبينا ڪتي جي بڇ ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي شازيه ٽالپر زخمي، وارثن جي اين سي تي هڪ جوابدار گرفتار
نوابشاهه: ڊسٽرڪٽ جيل جي بيرڪ نمبر 10 ۾ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب قيدي علي مردان، نياز ۽ بشير احمد زخمي، اسپتال داخل
شڪارپور: گذريل ڏينهن سلطان ڪوٽ ويجهو پراسرار طور گم ٿيل ٽن جيڪب آباد واسين علي بحر، علي نواز ۽ سندن ڊرائيور جي اغوا جي تصديق، 24 ڪلاڪن دوران ضلعي مان اغوا ڪيل ماڻهن جو انگ 8 ٿي ويو
شڪارپور: ضلعي ۾ هن وقت رڳو 4 ماڻهو اغوا ٿيل آهن، ضلعي ۾ ڪو به نو گو ايريا ناهي: ايس ايس پي فيض الله ڪوريجو
شڪارپور: گذريل ڏينهن اغوا ڪيل جي يو آءِ جيڪب آباد ضلعي جي امير جي پٽ سميت 5 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد
ڪوٽڏيجي: اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ناري ثمينه سولنگي جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ لڄالٽ جي تصديق
جيڪب آباد: ڳڙهي خيرو ڀرسان دودا پور ٽيڪسي اسٽينڊ کان ميران پور ٻرڙو ڏانهن ويندڙ ٽيڪسي ڊرائيور معشوق ڀيو منجهند کان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ
حيدرآباد: راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ انبڙيون کڻي ويندڙ مزدا ڊرائيور کي هٿياربندن تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو
حيدرآباد: قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، رهواسين جو واڌو واهه روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ جام
(دبئي شو)
ڪراچي: ڪي ٽي اين ۽ ڪومل انٽر پرائيزز طرفان ثقافت کاتي ۽ اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ جي سهڪار سان ڪي ٽي اين ڪومل لائيو سنڌي سنگيت شو دبئي ۾ 31 مئي تي ٿي رهيو آهي
شو ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار صنم ماروي، شمن علي ميرالي، صادق فقير، دلشير تيوڻو، ماروي سنڌو، طفيل سنجراڻي، وحيد هڪڙو، ماسٽر فتح ، نغمه ناز ۽ ٻيا فنڪار سرن جي ورکا ڪندا
پروگرام جو هوسٽ سڪندر بلوچ ۽ ڊائريڪٽر تنوير شيخ هوندو
Biztoday
Newsextra
Open Forum
Opinion With Ali Kazi
Sindh Chaa Pae Sochay
Sports RoundUp
Tareekh
Week In Focus
Centre Point
View Point
Discussion
Special Assignment
Galhiyon
Issues
Wonder World
Roshan Subho
CENTRE POINT
This text will be replaced
Follow us
© 2011 All Rights Reserved